پاڪستانسنڌ

لطيف يونيورسٽي ۾ ڪيميائي سائنسز جي عنوان سان ڪانفرنس شروع

خيرپور: شاهھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انسٽيٽيوٽ آف ڪئمسٽري جي انتظام ھيٺ سنڌ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي گڏيل سھڪار سان ڪيميائي سائنسز، ھڪ ڪثير الشعبا نقطا نظر جي عنوان تي بين الاقوامي ڪانفرنس شروع ٿي وئي. جنهن جو وي سي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي صدارت هيٺ افتتاحي سيشن ٿيو، خواجه فريد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي رحيم يار خان جو وي سي پروفيسر ڊاڪٽر محمد سليمان طاهر خاص مهمان هو. وي سي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاءُ الرحمان ۽ ڊاڪٽر شهزاد نسيم قائم مقام وي سي بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته اسان پنهنجي متحرڪ ٽيم سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن معياري تعليم، تحقيق ۽ ترقي ذريعي علائقي کي ترقي وٺرائي سگهجي. ڪانفرنس جون سفارشون محققن جي رهنمائي ڪنديون. پروفيسر ڊاڪٽر محمد سليمان طاھر چيو ته ڪيميڪل انجنيئرنگ عالم انسانيت لاءِ تمام ضروري آهي، تحقيق سماج جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطا الرحمان، ڊاڪٽر شهزاد نسيم، ايراني محقق پروفيسر ڊاڪٽر حامد راشدي نودح، انٽرنيشنل سينٽر فار ڪيميڪل ۽ بايولوجيڪل سائنسز يونيورسٽي ڪراچي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري آن لائن خطاب ڪيو. پروفيسر ڊاڪٽر خالده مهر ڪانفرنس جي مقصدن بابت آگاهي ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button