پاڪستانسنڌ

اڳڙا لڳ ڳوٺ ۾ باهه، 15 گهر سڙي ويا، لکن جو نقصان

اڳڙا/پيرجو ڳوٺ: اڳڙا ويجهو ڳوٺ صادق ڪلهوڙو ۾ جلال الدين ڪلھوڙو جي ويڙھي کي اوچتو باهھ لڳي وئي، جنهن سبب پورهيت مھوال، تسليم احمد، ملان رستم، ڪرم علي، محمد ڪريم، ارشاد علي، غلام مصطفى، مجاھد علي، مرزا، يار محمد، صدورو خان، عبداللطيف، عبدالڪريم، محمد لائق ۽ نسيم ڪلھوڙو سميت 15 ڳوٺاڻن جا گهر سڙي ويا. گهرن ۾ پيل لکين رپين جو سامان به رک ٿي ويو. ڳوٺ ڀرسان بيٺل ملان رستم ڪلھوڙو جي 2 ايڪڙ ڪڻڪ جو فصل پڻ سڙي رک ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڳوٺ ڀرسان جهنگ کي باهھ لڳي، جنهن مان چڻنگ اٿي گهرن مٿان ڪري ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڳوٺ جي ھڪ پاڙي جي گھرن کي وڪوڙي وئي ۽ پورھيتن جي گھرن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. علائقي واسي ڪوششن باوجود باهه تي ضابطو نه آڻي سگهيا، فائربرگيڊ عملي کي باھه لڳڻ جو بروقت اطلاع ڏنو ويو، پر وقت سر نه پھچڻ سبب سمورا گھر سامان سميت سڙي ويا ۽ لکين رپين جو نقصان ٿي ويو. باھه سبب اناج، ھنڌ، کٽون، پکا، ٿانو، سونا زيور ۽ روڪ رقم سڀ ڪجهه سڙي ويو. ھنن ڪمشنر سکر ۽ ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته باهھ سبب ڪجهھ به ناھي بچيو، بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آھيون، مالي مدد ڪري خاندانن کي فاقاڪشي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button