اسلام آبادپاڪستان

سنڌ هائوس تي حملي ۾ ملوث پي ٽي آ ميمبرن جا وارنٽ جاري

اسلام آباد :سنڌ هائوس تي حملي ۾ ملوث تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. سنڌ هائوس تي حملي واري ڪيس ۾ اسلام آباد پوليس سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ايڊووڪيٽ جنرل (اي جي) اسلام آباد ٻڌايو ته سنڌ هائوس تي حملي ۾ ملوث تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي، ٻنهي ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويندو. اي جي اسلام آباد موجب توصيف خان نالي تحريڪ انصاف جي ڪارڪن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪجهه جوابدارن جو تعلق ڪي پي ڪي ۽ سنڌ سان آهي. سپريم ڪورٽ سنڌ هائوس مٿان حملي جي ٻيهر رپورٽ طلب ڪئي هئي ۽ حملو ڪندڙن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button