اسلام آبادپاڪستان

عامر لياقت سميت پي ٽي آ جا 3 ايم اين ايز سنڌ هائوس پهچي ويا

اسلام آباد :حڪومتي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم طرفان اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جي اعلان کانپوءِ پي ٽي آ جا وڌيڪ ڪجهه ايم اين اي سنڌ هائوس پهچي ويا آهن، جن ۾ عامر لياقت حسين به شامل آهي. ذريعن موجب عامر لياقت سميت وڌيڪ 3 قومي اسيمبلي ميمبر سنڌ هائوس پهچي ويا آهن. سنڌ هائوس ۾ اپوزيشن اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان، آصف زرداري ۽ شهباز شريف شرڪت ڪئي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جا وڌيڪ 3 قومي اسيمبلي ميمبر سنڌ هائوس پهچي ويا آهن، جنهن کانپوءِ اجلاس ۾ شريڪ تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن جو انگ 22 ٿي ويو آهي. ذريعن موجب سنڌ هائوس ۾ مجموعي طور تي 196 قومي اسيمبلي ميمبر موجود آهن. هوڏانهن سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري جو ڪزن تحريڪ انصاف جو ايم اين اي چوڌري فرخ الطاف به سنڌ هائوس پهچي ويو آهي. چوڌري فرخ الطاف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 66 جهلم مان تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي ميمبر چونڊيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button