سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ لوڊشيڊنگ ۽ ٻهراڙي فيڊر مان بجلي ڏيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو انتظاميا جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ ٻهراڙي فيڊر مان بجلي ڏيڻ واري عمل خلاف ايوب ڪالوني رهواسين نئون ديرو روڊ تي ڪئمپ لڳائي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رهواسين انعام چانڊيو، نعيم ڪوريجو، عبدالواسع ٽڳڙ، عبدالقدوس ٽڳڙ ۽ ٻين دانهيو ته اسان وٽ سيپڪو وارن هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري ٻهراڙي فيڊر مان بجلي ڏيئي مشڪلاتون ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري 24 ڪلاڪن مان صرف 2 ڪلاڪ بجلي ڏني پئي وڃي، ان ڪري پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آهيون نماز وقت وضو لا پاڻي ناهي آخر ڪاڏي وڃون. اهڙيون شڪايتون بار بار انجنيئر شاهه محمد باجڪاڻي کي ڏنيون پر تنهن باوجود اسان کي ٻهراڙي فيڊر بهار پور مان بجلي 2 ڪلاڪ ڏني ٿي وڃي، جنهن ڪري مجبور ٿي احتجاجي ڪري رهيا آهيون هنن سپيڪو اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي ٻهراڙي فيڊر مان جان ڇڏائي شهر جي فيڊر مان بجلي ڏئي هٿرادو لوڊشيڊنگ کان جند ڇڏائي بي چيني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button