سنڌ

ڏوڪري پوليس جي ٻن منشيات فروشن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى

ڏوڪري پوليس شهر ۾ شراب جي سپلاءِ ڪندڙ گروهه جي موجودگي جي اطلاع تي ڪاروائي ڪري ضلعي سطح تي شراب سپلاءِ ڪندڙ گروهه جي ٻن منشيات فروشن ساجد ابڙو ۽ انيل ڪمار کي گرفتار ڪري سندن وٽان شراب جون 69 بوتلون هٿ ڪري ورتيون. پوليس گرفتار منشيات فروشن مٿان گناهه نمبر 2022/18 قلم ايڇ او 4 / 3 تحت اهڙو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ ٻڌايو ته گرفتار منشيات فروشن کان گروهه جي ٻين ماڻهن ۽ شراب خريد ۽ وڪرو ڪندڙ ماڻهن بابت پڇا ڳاڇا ڪري سندن ڏوهاري رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي ۽ جلد ٻين منشيات فروشن کي به سوگهو ڪري ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button