سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو وياج خور خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

لاڙڪاڻي جي معظم ڪالوني جي رهواسي پورهيت پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي وياج خورن ۽ وليد پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت محمد علي مهيسر پنهنجي گهرواري ريشمان خاتون، ٻارڙن آمنه، محمد حسين، علي گل ۽ علي اڪبر مهيسر سان گڏجي دانهيندي چيو ته مان 2019ع دوران گهر جي تعمير لا وياجي مقبول لولائي کان 2 لک ورتا، جڏهن ته 2020ع ۾مان پنهنجي جڳھه وڪڻي مقبول لولائي کي 12 لک 96 هزار ڏنا پر تنهن باوجود به هو جان نه پيو ڇڏي ۽ 3 لک گهري رهيو آهي. اهڙي ظلم خلاف ايس ايس پي لاڙڪاڻي وٽ شڪايت ڪئي، جنهن وليد پوليس کي وياج خور خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي، جنهن بعد ٿاڻي تي ڳالهيون ٿيون ۽ مقبول لولائي لکي ڏنو ته مان ٻيهر محمد علي مهيسر کي تنگ نه ڪندس. هن چيو ته وليد ٿاڻي جو اي ايس آءِ صفدر لغاري وياج خور کان ڳري رشوت وٺي ڌمڪيون ڏيئي تنگ ڪري رهيو آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي وليد پوليس کان پڇاڻو ڪرڻ سان گڏ وياجي مقبول لولائي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button