سنڌ

ڦر ڪوشش دوران اسڪوٽر وڻ سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ نوجوان فوت،ٻيو مرڻينگ

پير جو ڳوٺ ڀرسان سڪندر آباد اسٽاپ وٽ ڦورن پاران روڪڻ جي ڪوشش دوران تيز رفتار موٽرسائيڪل وڻ سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 28 سالن جو نوجوان پرويز احمد پٽ غلام سرور شيخ فوت ٿي ويو، جڏهن ته ذوالفقار شيخ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن نوجوان فوت ٿيڻ جي اطلاع تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف ڦر دوران موٽرسائيڪل وڻ سان ٽڪرائجڻ سبب فوت ٿيل نوجوان پرويز احمد شيخ جي وارثن پير جو ڳوٺ پوليس خلاف خيرپور – پير جو ڳوٺ روڊ بهار لاڙڪ اسٽاپ وٽ مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احمد بخش شيخ، نصير احمد، رسول بخش، غلام سرور شيخ ۽ ٻين چيو ته نوجوان پرويز شيخ پنهنجي ويجهي مائٽ ذوالفقار شيخ سان گڏ مگهنواري وڃي رهيو هو ته هٿياربندن کانئن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته تيز رفتاري سبب موٽر سائيڪل وڻ سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان شيخ قتل ٿي ويو آهي. هنن چيو ته اسان جي نوجوانن مٿان تشدد ڪيو ويو آهي. پوليس هن مهل تائين ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button