سنڌ

گمبٽ ۾ پورهيت جي گهر کي باهه لڳي وئي،الهه تلهه سڙي خاڪ

گمبٽ جي اڳڙا روڊ تي واقع حاجي شاهه بخاري پاڙي جي رهواسي پورهيت گلشير جوڳي جي گھر کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب پورهيت جو گھر الھه تلھه سميت سڙي رک ٿي ويو. متاثر پورهيت دانهيو ته زال جي دوا وٺڻ لاءِ گمس اسپتال ويل ھئاسين ته گهر کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب گهر ۾ پيل سمورو سامان هنڌ، کٽون، اناج، پکا، بسترا سڙي رک ٿي ويا. 2 گابا ۽ هڪ پاڏو به باهه ۾ سڙي مري ويا. باهه جو اطلاع فائربرگيڊ عملي کي ڏنو پر عملو نه پهتو. متاثر پورهيت گلشير جوڳي مطالبو ڪيو ته باهه سبب گهر ۾ سڀ ڪجهه سڙي ويو آهي. واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button