اسلام آبادپاڪستان

عمران لاءِ ڪو به محفوظ رستو ناهي،شرافت سان استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي:بلاول

اسلام آباد :پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان لاءِ ڪو به محفوظ رستو ناهي، شرافت سان استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي. ان ڏس ۾ ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته عمران خان لاءِ منهنجو واضح پيغام آهي ته سندس لاءِ ڪو به محفوظ رستو ناهي، نه اين آر او نه ئي ايمنسٽي ۽ نه ڪوئي بيڪ ڊور ايگزٽ. هن چيو ته عمران خان باعزت رستو اختيار ڪري، عمران خان تون ڪنهن وقت ۾ هن ملڪ جو رانديگر هئين، عوام کي پنهنجي طرفان رانديگر جو پيغام موڪليو. هن چيو ته عمران خان توهان پنهنجي اننگز کيڏي چڪا آهيو ۽ شفاف عمل ذريعي شڪست به کائي چڪا آهي. عزت وارو رستو اهو آهي ته اڄ ئي استعيفيٰ ڏئي هليا وڃو. عمران خان اچو ته پنهنجي عددي طاقت جو مظاهرو ڪريون، اسان به پنهنجي عددي طاقت جو مظاهرو ڪيون ٿا. عوام لاءِ وڌيڪ مسئلا نه پيدا ڪريو، آئيني بحران نه پيدا ڪريو، ان ۾ اوهان جي عزت ٿيندي. هن چيو ته عمران خان جيڪو توهان کي باعزت رستو اختيار نه ڪرڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن، اهي پنهنجي لاءِ ۽ ملڪ لاءِ نه پر پنهنجي لاءِ سوچي رهيا آهن. بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان کي تجويز ڏني وئي آهي ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچي سو پهچي، توهان بي اعتمادي جي جمهوري هٿيار کي پرڏيهي سازش قرار ڏيو. هن الزام مڙهيو ته عمران خان کي ادارن تي دٻاءُ وجهڻ، غير سياسي ادارن کي تڪراري بڻائڻ، فوج کي لالچائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اهڙا مشورا ملڪ، قوم، آئين ۽ جمهوريت جي به خلاف آهن. هن چيو ته اپوزيشن ۽ هن ملڪ جو عوام جمهوريت تي سمجهوتو نٿو ڪري سگهي، تحريڪ عدم اعتماد لاءِ 3 سالن کان جدوجهد ڪري رهيو آهيان، اهو مڪمل طور تي جمهوري عمل آهي. تحريڪ عدم اعتماد ۾ ڪنهن جي ڪلهي تي سوار ٿي ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي. هن چيو ته عمران خان خط بابت توهان جو عمل قوم جي مفاد ۾ ناهي، اها ڪرڪيٽ ناهي، اسان کي ملڪ جو خيال رکڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button