اسلام آبادپاڪستان

آصفا ڀٽو زرداري کي پارلياماني سياست ۾ آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد :اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي ڌيءَ آصفا ڀٽو زرداري کي پارلياماني سياست ۾ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه اڳوڻي صدر جي نياڻي آصفا ڀٽو زرداري سندس هٿ پڪڙي پارليامينٽ هائوس پهتي، جتي هن صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اڳوڻي صدر بي اعتمادي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهايو. ان دوران هڪ صحافي سوال ڪيو ته توهان پنهنجي ڌيءَ آصفا ڀٽو زرداري کي پارلياماني سياست ۾ ڪڏهن آڻي رهيا آهيو؟ جنهن تي اڳوڻي صدر جواب ڏنو ته انشاءَ الله ايندڙ اليڪشن ۾.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button