پاڪستانسنڌ

گولاڙچي تعلقي جي ٻن درجن شاخن ۾ پاڻي کوٽ، نماز لا گهران وضو ڪري اچڻ جا اعلان

گولاڙچي: گولاڙچي تعلقي جي گوني ڪئنال، امام واهه، دبيٖ سورهڏي، چاڪڙي، ڌاڌرڪو سميت ٻن درجن شاخن ۾ اڍائي مهينن کان پاڻي نه اچڻ سبب شاخن ۽ واهن ۾ واري اڏامي رهي آهي، تعلقي جي ٻن درجن شاخن سميت 14 يونين ڪائونسلن جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويا آهن، تعلقي جا ماڻهو هينڊپمپ ۽ کوھه جي پاڻي جو استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن سبب انسانن ۾ وڏي پئماني تي وچندڙ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، چوپايو مال پيئڻ جي پاڻي بدران سم نالين جو زهريلو پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن.

ان سلسلي ۾ ايس يو پي اڳواڻ امير آزاد پنهور، عوامي تحريڪ جي جاکرو نوحاڻي، ستپ جي شاهنواز سيال ۽ ٻين اڳواڻن بدين جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته گولاڙچي تعلقي جي ٻن درجن شاخن کي پيئڻ جي لا پاڻي ڏئي انسانن ۽ جانورن تي رحم ڪيو وڃي، هوڏانهن تعلقي جي مسجدن مان بار بار اعلان ڪيا پيا وڃن ته جمعي جي ڏينهن نماز تي اچڻ لا گهران وضو ڪري اچو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button