اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم کي فيس سيونگ ڏيڻ کان انڪار،انگ پورو آهي،ووٽنگ ڪرائي وڃي:اپوزيشن

اسلام آباد :گڏيل اپوزيشن وزيراعظم کي فيس سيونگ ڏيڻ کان انڪار ڪندي اپوزيشن اڳواڻن جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته موجود صورتحال ۾ عمران خان محفوظ رستو گھريو آهي. جڏهن ته اپوزيشن واضح موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران خان کي اين آر نه ڏنو ويندو. ڪالهه اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي گھر تي اپوزيشن اڳواڻن جي ويهڪ ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عمران خان کي ڪو اين آر او نه ڏنو ويندو. اپوزيشن اڳواڻن بي اعتمادي رٿ جي لاءِ ميمبرن جي گھربل کان وڌيڪ موجودگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس جي گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان هڪ لک ماڻهو اسلام آباد آڻڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، ملڪ ۾ ٽڪراءٌ، ڏڦيڙ ۽ افرا تفري پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. اپوزيشن خبردار ڪيو ته اهڙي ڪنهن به قدمن جي سمورن نتيجن جو ذميوار عمران خان هوندو. حڪومتي مشينري، آءِ جي اسلام آباد سميت ضلعي انتظاميا ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا غير قانوني حڪم نه مڃن. ان کانسواءِ اپوزيشن جي پارلياماني پارٽين جو گڏيل اجلاس به ٿيو، جنهن ۾ 173 قومي اسيمبلي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ 172 ميمبرن جي حمايت گھربل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ اهم شخصيت پاران وزيراعظم عمران خان ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي پيغام اماڻيو ويو آهي. ذريعن موجب اپوزيشن اڳواڻن جي اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته موجود صورتحال ۾ عمران خان محفوظ رستو گھريو آهي. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته عمران خان آڇ ڪئي آهي ته اپوزيشن بي اعتمادي رٿ واپس وٺي، اسيمبليون ٽوڙيندس. عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن متفق نه ٿي ته هر طرح جي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. اپوزيشن ذريعن جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ اهم شخصيت جي پيغام تي غور ڪيو ويو ۽ مخالف ڌر جي اڪثريت عمران خان تي اعتماد نه ڪرڻ جو چيو. ذريعن موجب مخالف ڌر جي اڳواڻن چيو ته اسان وٽ پورا انگ اکر آهن، اسپيڪر کي چيو وڃي ته جلد کان جلد ووٽنگ ڪرائي وڃي، بي اعتمادي جي رٿ مڪمل ٿيندي ئي اسان کي فائدو ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن وزيراعظم لاءِ واحد فيس سيونگ”استعيفيٰ” قرار ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button