حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آھي، ڪنھن جي ذاتي جاگير ناھي جو ذاتي ۽ اقتداري مفادن خاطر ورھائي ڏئي ڇڏي، سنڌ ۾ ڪو ٻٽو نظام ھلڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي نون يونٽن جي نالي ۾ ڪنھن کي سنڌ تي حملي آور ٿيڻ ڏينداسين، سنڌ دشمن سازشون بند ڪيون وڃن.
اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي اقتدار لا سنڌ جي وحدت کي دا تي لڳائي ڇڏيو آھي، ڪرپشن ڪيسن کان بچڻ لا زرداري سنڌ جي قيمت ادا ڪرڻ لا تيار آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي، نواز ليگ، پي ٽي آئي ۽ جي يو آ اقتدار لا جيڪو منصوبو جوڙين پر سنڌ جي وحدت ۽ مالڪي جو سودو نه ڪيو وڃي، سنڌ جو عوام ڪنھن به سنڌ دشمن سازش تي خاموش ٿي نه ويھندو.