پاڪستانسنڌ

ارسا ۽ واپڊا جي بدانتظامي سبب پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي آهي: سنڌ آبادگار اتحاد

حيدرآباد: سنڌ آبادگار اتحاد ملڪ ۾ پاڻي جي سخت بحران تي ڳڻتي ظاهر ڪندي بحران جو ذميوار ارسا ۽ واپڊا کي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڻي جو بحران تربيلا ڊيم خالي ڪرڻ جي فيصلي کانپوءِ پيدا ٿيو آهي. ارسا ۽ واپڊا جي بدانتظامي سبب سنڌ پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، ماڻهن توڙي مال لاءِ پيئڻ جو پاڻي به ناهي. حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جو اجلاس صدر نواب زبير ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ محمد جاويد رياڙ، محمد انوار، محمد شريف نظاماڻي، عبدالرحيم درس، محب علي مري، سيف الله گل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ اندر پاڻي بحران تي غور ويچار ڪندي پاڻي بحران جو ذميوار واپڊا ۽ ارسا کي قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي ادارن جي بدانتظامي سبب سنڌ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن لاءِ ارسا پاران تربيلا ڊيم کي خالي ڪرڻ جو غلط فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ چيو ويو ته ايڪنڪ هڪ ڀيرو گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو جي تعمير جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو عمل ملڪ دشمن آهي ان سان سنڌ جون زمينون بنجر ٿي وينديون، موجوده پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. اجلاس ۾ ڦليلي ڪينال جي ڪمانڊ ايريا ۾ پاڻي فراهمي جو مطالبو ڪندي چيو ويو ته ڦليلي ڪينال جي ڪمانڊ ايريا ۾ 15 اپريل کان پوکي شروع ٿيندي جنهن لاءِ پاڻي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ساليانا ڪينالن جي ڪمانڊ ايريا ۾ سارين جي پوکي تي پابندي مڙهيل آهي پر هر سال رڳو بيان بازي ڪئي ويندي آهي ان فيصلي تي عمل نه ڪيو ويندو آهي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ساليانا ڪينالن روهڙي ۽ نارا تي چانورن جي پوک تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي. اجلاس ۾ ايگريڪلچرل ايڪسٽينشن کاتي پاران سنڌ ۾ نقلي ٻجن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ نقلي ٻجن جو وڪرو عروج تي پهچي ويو آهي پر لاڳاپيل کاتو خاموش آهي فوري طور نقلي ٻجن جي وڪري ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اجلاس ۾ شگر سيس فنڊ بابت 2003ع کان ڪوبه حساب ڪتاب ظاهر نه ڪرڻ بابت چيو ويو ته ڪمند جي هر مڻ تي 50 پيسا شگر سيس فنڊ جي مد ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي جيڪو فنڊ شگرملن جي حدن ۾ روڊن رستن جي تعمير تي خرچ ڪيو ويندو آهي پر 2003 کان ڪو حساب نه ڪيو ويو آهي ته اهو فنڊ ڪٿي استعمال ڪيو ويو جيڪڏھن خرچ نه ڪيو ويو آهي ته اهو ڪيڏانهن ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button