پاڪستانسنڌ

پ پ، ن ليگ ۽ متحده ۾ معاهدو سنڌ جي وحدت تي وار آهي: قادر مگسي

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پ پ پ، پي ايم ايل اين ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ٿيندڙ تحريري معاهدي تي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اهو معاهدو نج نسلي ۽ لساني بنيادن تي اختيارن جي ورڇ ۽ سنڌ جي وحدت تي وار آهي، جنهن کي سنڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. هن چيو ته معاهدي ۾ جيڪي نقطا شامل آهن، اهي نه صرف پاڪستان جي بنياد رکندڙ 23 مارچ 1940 جي لاهور واري قراداد جي روح جي خلاف آهن پر ان سان گڏ ملڪ جي موجوده آئين ۽ قانون جي خلاف آهن.

هن چيو ته موجوده حڪمرانن ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ اقتداري جنگ ۾ سنڌ جي حقن ۽ اختيارن تي پ پ پ جيڪا سوديبازي ڪري رهي آهي، اها نه صرف سنڌ پر پاڪستان سان غداري آهي. سنڌ 7 ڪروڙ سنڌين جو مادر وطن آهي، جيڪي پنهنجي وطن جي انچ انچ جي حفاظت لاءِ ھر وقت تيار آھن. ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته ملڪ جي اندر هن وقت عدم اعتماد جي تحريڪ کانپوءِ جنهن طريقي سان ميمبرن جي حمايت لاءِ حڪومتي ۽ مخالف ڌر وارا ميمبرن کي وزارتن ۽ پئسن جون لالچو ڏئي پنهنجي پنهنجي حمايت ۾ بيھارڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن اها ملڪ جي آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button