پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ حاجي عمر ڪاڪيپوٽو جي رهواسين نوجوان جي بازيابي لا ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي محبوب ڪاڪيپوٽو، انور سادات، آفتاب احمد ڪاڪيپوٽو، حاڪم ڪاڪيپوٽو، شهباز ڪاڪيپوٽو ۽ کنڀيل نوجوان جي معصوم نياڻين احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيندي چيو ته 11 ڏينهن اڳ پوليس جي اٽالن ۽ نقاب پوش ماڻهن اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري اسان جي نوجوان ادريس ڪاڪيپوٽو کي کنڀي کڻي ويا آهن، جنهن جو 11 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ڪو پتو ناهي پئجي سگهيو.

هنن چيو ته اسان ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ۽ حد جي پوليس سان رابطو ڪيو پر ڪير به اسان جي ٻڌڻ لا تيار نه آهي، جيڪڏهن ادريس تي ڪي به ڪيس وغيره داخل آهن ته کيس ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن گهر ڪئي ته ادريس ڪاڪيپوٽو کي بازياب ڪرائي، بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button