پاڪستانسنڌ

آمريڪا جو ڪائونسل جنرل ڀٽ شاهه پهتو، سيڪيورٽي جا سخت انتظام

ڀٽ شاهه: آمريڪا جو ڪائونسل جنرل مارڪ شو وفد سميت ڀٽ شاهه پهتو، سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، ڪراچي ۾ مقرر آمريڪن ڪائونسل جنرل ڀٽ شاهه پهچي لاکيڻي لطيف جي مزار تي چادر چاڙهي حاضري ڀري ۽ دنبوري جي تند تي جاري شاهه جو راڳ ٻڌو، جڏهن ته آمريڪي ڪائونسل جنرل حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح بابت پنهنجو پيغام به رڪارڊ ڪرايو.

ان موقعي تي ڪائونسل جنرل مارڪ شو درگاهه جي جامع مسجد، شاهه جو رسالو، گنج شريف ۽ ٻين شين جو معائنو ڪري مختلف حصن جو دورو ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان راشد ۽ ٻيا عملدار به ساڻس گڏ هئا. اوقاف ۽ ضلعي انتظاميه پاران آمريڪي ڪائونسل جنرل جي آجيان ڪري درگاهه بابت بريفنگ ڏني وئي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي حاضري بعد ضلعي انتظاميه ۽ ثقافت کاتي پاران آمريڪن ڪائونسل جنرل مارڪ شو ۽ ٻين مهانن کي ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه ۾ آجياڻو به ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button