سنڌ

ڊگهڙي ويجهو مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو سرن جي بٺي خلاف احتجاج

ڊگهڙي ويجهو مختلف ڳوٺن جي رهواسين سرن جي بٺي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڊگهڙي ويجهو مختلف ڳوٺن جي رهواسين منظور علي مهر، علي حيدر خاصخيلي، عمران جٽ، سردار علي ڪلوئي، شنڀو ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺن ڀرسان لڳل سرن جي بٺي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي انب موري اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته ڳوٺ ڀرسان لڳل سرن جو بٺو انساني حياتين لا هاڃيڪار بڻيل آهي، بٺي تي سرن کي پچائڻ لا اسپتالن جو گند ڪچرو، رٻڙ، پلاسٽڪ، ڪفن جو پراڻو ڪپڙو، مرغي فارمن جو گند ڪچرو ۽ ٻيو گندگاهه استعال ڪيو وڃي ٿو جنهن سان دم، چمڙي، اکين ۽ ساهه جون بيماريون پکڙجي ويون آهن، بٺو لڳڻ بعد زمينون بنجر بڻجي ويون، پوکيل انبن جا باغ سڙي چڪا آهن. هنن چيو ته اسان بٺي مالڪ قادر خان کي بٺي بند ڪرڻ جو چيو پر هو اسانجي ڳالهه ٻڌڻ لا تيار ناهي. هنن سنڌ ها ڪورٽ، ڪمشنر ميرپوخاص کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل بٺو فوري طور تي سيل ڪرائي انساني جانين ۽ زراعت کي بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button