پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۽ ڄامشورو ۾ ريلوي ٽريڪن تي ڌماڪا، پوليس ۽ رينجرز ها الرٽ

حيدرآباد: حيدرآباد ۽ ڄامشورو ۾ ريلوي ٽريڪن تي نان اليڪٽرڪ ڊوائيس سان ڌماڪا ڪيا ويا، ريلوي ٽريڪ جو ڪجھه حصو متاثر ٿيڻ سبب ريل گاڏين جي اچ وڃ 5 ڪلاڪن تائين معطل رھي، ريل گاڏين کي مختلف ريلوي اسٽيشنن تي بيھاريو ويو، پوليس ۽ رينجرز بم اسڪواڊ عملي سان گڏجي واقعي واري ھنڌن پهچي وئي، شهر ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت، پوليس ۽ رينجرز مقرر، خبر موجب ڄامشورو جي علائقي ڪوٽڙي ويجھو خورشيد ڪالوني ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو ٿيو، جنهن جي ڪجھه دير بعد ٻيو ڌماڪو حيدرآباد جي پوليس اسٽيشن پنياري جي حد جي علائقي مرزا پاڙي وٽ ٿيو، جتي 10 انچ پٽڙي کي نقصان پهتو. ڪوٽڙي ۾ هڪ فٽ 7 انچ پٽڙي کي نقصان پهتو، بم ڌماڪن جي ٻن ڌار ڌار واقعن کانپوءِ رينجرز ۽ پوليس حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ چيڪنگ واري عمل کي وڌائڻ سان گڏ واقعي وارن ھنڌن تي پھچي صورتحال جو جائزو ورتو.

جڏھن ته بم ڊسپوزل جي عملي به واقعي واري ھنڌن جو جائزو ورتو، ان ڏس ۾ بم اسڪواڊ جي انچارج رمضان پنهور ٻڌايو ته ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ۾ نان اليڪٽرڪ ڊوائيس سان ڌماڪا ڪيا ويا آهن. ڪوٽڙي واري ڌماڪي ۾ 400 گرام ۽ حيدرآباد واري ڌماڪي ۾ 250 گرام ڌماڪي وارو مادو شامل ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته اڳ ۾ ٿيندڙ ڌماڪا پڻ اهڙي نوعيت جا هئا. حيدرآباد ۽ ڄامشورو پوليس ٻڌايو ته ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي بعد دھشتگردن جي گرفتارين ۽ واقعن جي جاچ شروع ڪئي وئي آھي، پوليس موجب واقعن ۾ پابندي مڙھيل قوم پرست تنظيم ملوث آھي، انھن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته حيدرآباد جي قاسم آباد سميت مختلف علائقن ۾ پوليس ڇاپا ھڻي قومپرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏھن ته حيدرآباد جي مختلف هنڌن تي چيڪنگ ڪندي گاڏين جي تلاشي به ورتي وئي، حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران پڻ رينجرز ۽ پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button