سنڌ

ميان صاحب ويجهو باهه لڳڻ سبب 7 گهر خاڪ، 5 مينهون به سڙي مري ويون

ميان صاحب ويجهو ڳوٺ انور علي ويسر ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ سبب 7 پورهيتن جا گهر سڙي ويا، گهرن اڳيان بيٺل 5 مينهون به سڙي مري ويون. ميان صاحب ويجهو ھمايون شريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ انور علي ويسر ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب برڪت علي ڪوريجو جي گھر کي باھ لڳي، باهه تيزي سان وڌڻ ڪري وڌيڪ 6 گھرن کي به وڪوڙي وئي. جنهن ۾ عبدالرسول ڪوريجو، اعجاز ڪوريجو، وريام بروهي، مير بروهي، عبدالغفور بروهي ۽ مير محمد چاچڙ جا گهر سڙي ويا، گھرن ۾ پيل ڪپڙا، پيتون، اناج، سونا زيور ۽ قيمتي سامان سميت الهه تلهه سڙي ويو. باهه لڳڻ ڪري گهرن اڳيان ٻڌل 5 مينهون به سڙي مري ويون ۽ 5 مينهون سڙي زخمي ٿيون. ان موقعي تي متاثرن دانهيندي چيو ته باهه لڳڻ شرط شڪارپور فائربرگيڊ وارن کي اطلاع ڪيو پر گاڏي ٻن ڪلاڪ بعد پهچڻ ڪري لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي. هنن ڊي سي شڪارپور سميت چونڊيل نمائندن ۽ سرندي وارن کي واهر جي اپيل ڪندي چيو ته باهه لڳڻ ڪري چوپايو مال، اناج سميت الهه تلهه سڙي ويو آهي، اسان کليل آسمان هيٺان بي يارو مددگار ويٺل آهيون، نوٽيس وٺي فوري طور تي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button