رانديون

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز جو فيصلو اڄ ٿيندو

لاهور: پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جو فيصلو اڄ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندو. ميچ ڏينهن ۽ رات جو هوندو ۽ پاڪستاني وقت موجب 3 وڳي شروع ٿيندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي. ڪينگروز پهرين ميچ ۾ گرين شرٽس کي 88 رنس تان شڪست ڏني هئي، ٻئي ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم اسڪور برابر ڪري آسٽريلوي ٽيم کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ فيصلو ڪندڙ ميچ اڄ کيڏيو ويندو.

ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن فتح لاءِ بيان ڏئي ڇڏيا آهن ۽ ٽين ۽ آخري ميچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. قومي ٽيم جي قيادت بابراعظم ڪندو جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم جي قيادت آرون فنچ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي واحد ٽي-20 انٽرنيشنل ميچ 5 اپريل تي کيڏي ويندي. سمورا ميچ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button