رانديون

آسٽريليا کي شڪست، پاڪستان رينڪنگ ۾ ڇهين نمبر تي اچي ويو

لاهور: پاڪستان جي قومي ٽيم آسٽريليا کي ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ ٻيهر ڇهين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. نئين رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 121 پوائنٽن سان پهرئين، ورلڊ چيمپيئن انگلينڊ 119 پوائنٽن سان ٻئين، آسٽريليا 114 پوائنٽن سان ٽئين، ڀارتي ٽيم 110 پوائنٽن سان چوٿين، ڏکڻ آفريڪا 102 پوائنٽن سان پنجين، پاڪستان 95 پوائنٽس سان ڇهين، بنگلاديش 93 پوائنٽن سان ستين نمبر تي آهي.

سريلنڪا 81 پوائنٽن سان اٺين، ويسٽ انڊيز 77 پوائنٽن سان نائين ۽ افغانستان 68 پوائنٽن سان ڏهين نمبر تي آهي. آئرلينڊ 11 هين، اسڪاٽ لينڊ 12 هين، زمبابوي 13 هين، هالينڊ 14 هين ۽ يو اي اي 15 هين نمبر تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button