رانديون

بابراعظم ڪپتان طور سڀ کان وڌيڪ ون ڊي سينچريون ٺاهيندڙ بڻجي ويو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم آسٽريليا خلاف سيريز جي ٻئي ميچ ۾ ڪپتان طور سڀ کان وڌيڪ ون ڊي سينچريون اسڪور ڪرڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. آسٽريليا طرفان ڏنل 349 رنس جي هدف جي تعاقب ۾ بابراعظم بيٽنگ ڪئي ۽ پنهنجي 15 هين سينچري ٺاهي، جنهن جو هن ڀرپور جشن به ملهايو. اها 11 اننگز ۾ سندس چوٿين سينچري هئي، جيڪا ڪنهن به پاڪستاني ڪپتان جي ون ڊي سينچري جو سڀ کان وڏو انگ آهي. اڳوڻو ڪپتان اظهر علي 31 اننگز ۾ 3 سينچرين سان ٻئين، انضمام الحق ۽ شاهد آفريدي 77 ۽ 34 اننگز ۾ 2 ۽ 2 سينچرين سان ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي آهن، جڏهن ته عامر سهيل، عمران خان، رميز راجا، سعيد انور ۽ شعيب ملڪ هڪ سينچري سان 5 کان 9 پوزيشن تي آهن.

بابراعظم آسٽريليا خلاف سينچري اسڪور ڪندڙ پهريون پاڪستاني ڪپتان پڻ بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ آسٽريليا خلاف پاڪستاني ڪپتان جو سڀ کان وڏو اسڪور 82 رنس هو جيڪو 1990ع ۾ عمران خان ٺاهيو هو. ٻئي طرف بابراعظم پنهنجي سينچري جي ڪري پاڪستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ سينچريون اسڪور ڪندڙ رانديگرن ۾ گڏيل طور تي ٻئي نمبر تي آهي. پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ سينچريون اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ ناليواري بيٽسمين سعيد انور وٽ آهي، هن 20 ڀيرا 100 يا ان کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون آهن. بابراعظم سان گڏ محمد يوسف 15 سينچرين سان گڏيل طور ٻئين نمبر تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button