پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ مختلف واقعن ۾ 13 گهرن کي باهه، لکن جو نقصان

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ باهه لڳڻ مختلف واقعن ۾ 13 گھر سڙي ويا. ننگرپارڪر جي ڳوٺ سوندر ۾ چلهھ مان چڻنگ اٿڻ سبب راڄڙ برادري جي 10 گهرن کي باھه لڳي وئي، جنهن سبب عباس، محمد خان، پيار علي، متارو، محراب، عبدالستار ۽ امين راڄڙ جا 10 چوئنرا سڙي رک ٿي ويا، گھرن اندر پيل قيمتي سامان سون، چاندي جا زيور، 5 نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پھتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي بچائي ورتو. جڏهن ته متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي ڪنهن به مدد نه ڪئي. ٻئي طرف ڳوٺ ورڻهار ۾ محمد حسن هنڱورو جي گهر کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب سامان رک ٿي ويو ۽ 3 ٻڪريون سڙي مري ويون. ڳوٺ گونگاويري ۾ باهه لڳڻ سبب ٻن ڄڻن احمد علي هنگورو ۽ مير محمد هنگورو جا گهر سڙي رک ٿي ويا، احمد علي هنگورو جا 2 ٻڪر ۽ هڪ گابي سڙي ويا. گھرن ۾ پيل اناج ۽ سمورو سامان سڙي ويو. ٻئي طرف باهھ متاثرن جي ڪنھن به سار نه لڌي، جيڪي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button