پاڪستانسنڌ

ججن کي پنھنجي روين ۾ نرمي رکڻ گھرجي:جسٽس صلاح الدين پنهور

ميرپورخاص: ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل باڊي جي حلف برداري تقريب ٿي، چونڊيل باڊي کي جسٽس صلاح الدين پنھور حلف کڻايو، تقريب ۾ ھائي ڪورٽ سنڌ جي جسٽس صلاح الدين پنھور مھمان خاص طور شرڪت ڪئي. بار جي صدر شوڪت راھمون سميت ٻي چونڊيل باڊي کي حلف کڻائڻ بعد جسٽس صلاح الدين پنھور تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ججن کي پنھنجي روين ۾ نرمي رکڻ گھرجي، دوستاڻو ماحول رکيو وڃي ته جڏھن ڪو مظلوم شخص عدالت پھچي ته پنھنجي پاڻ کي محفوظ سمجھي، پوليس جي گاڏي يا پروٽوڪول انسان کي بلند نٿو ڪري، عام شھرين جي دل ۾ عزت احترام انسان جي ڪاميابي جي نشاني آھي. ھن چيو ته طاقتور انسان جي عام ماڻھن سان ھمدردي ھئڻ گھرجي ته جيئن معاشري ۾ بھتري اچي سگھي، ميرپورخاص بار سان 17 سال اڳ جو واسطو آھي، ھن بار ماما يوسف جھڙا وڪيل پيدا ڪيا، ميرپورخاص شھر جو ڪو ماسٽر پلان ناھي، شھر جي حالت بدتر آھي، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص کي نوٽيس وٺڻ جي ھدايت ڪجي ٿي. بار جي صدر شوڪت راھمون خطاب ڪندي چيو ته اسان خوشنصيب آھيون جو ميرپورخاص بار تعلق رکندڙ جسٽس صلاح الدين پنھور اسان جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، صلاح الدين سنڌ جي بنيادي مسئلن سميت پاڻي جي اھم مسئلن بابت تاريخي فيصلا ڪيا. حلف برداري تقريب ۾ سیشن جج ميرپورخاص طارق محمود کوسو، سيشن جج عمرڪوٽ شاهد پرويز، اي ٽي سي جج غلام قادر لغاري، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عبد الرحمان قاضي ۽ سيڪنڊ ايڊيشنل سیشن جج شگفته اي ڪاڪا سميت سيشن ڪورٽ جي مئجسٽريٽ توڙي سانگھڙ، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد جي بار اڳواڻن سميت وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button