اسلام آبادپاڪستان

کنڀي گم ڪرڻ بغاوت آهي، ان تي بغاوت جو ڪيس ٺهي ٿو:چيف جسٽس

اسلام آباد؛اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مدثر نارو بازيابي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته کنڀي گم ڪري ڇڏڻ بغاوت آهي ۽ ان تي بغاوت جو ڪيس ٺهي ٿو. جيڪڏهن رياستي ادارا ايگزيڪيوٽو جي ڪنٽرول ۾ نه آهن ته ايگزيڪيوٽو ذميوار آهي ڇو نه چيف ايگزيڪيوٽو کي ذميوار ڄاڻائجي. ڪالهه چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ شنوائي ٿي، ان ڏس ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ عدالتي مددگار عدالت ۾ پيش ٿيو. شنوائي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آئين موجب ملڪ ۾ ڪنهن کنڀي گم ڪري ڇڏڻ قبول نه آهي، ڇا مدثر نارو کي ڳولي نه سگهڻ رياستي ادارن جي ناڪامي آهي. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن کي اهو سڀ ڏسڻو هو، ڇا انهن جي مرضي بنا ڪنهن کي لاپتا ڪري سگهجي ٿو، نٿو ڪري سگهجي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ماڻهن جو مسنگ ٿي وڃڻ رياست جي نااهلي آهي، پوءِ اهي ٽريس به نٿا ٿي سگهن. جبري گمشدگي تي دهشتگردي جا قلم لڳن ٿا. جيڪڏهن رياستي ادارا ايگزيڪيوٽو جي ڪنٽرول ۾ نه آهن ته ايگزيڪيوٽو ذميوار آهي ڇو نه چيف ايگزيڪيوٽو کي ذميوار ڄاڻائجي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ملڪ جون 8 ايجنسيون حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ناهن ته پو ان جو ذميوار چيف ايگزيڪٽو ئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم سان گم ٿيل مدثر نارو جي مائٽن کي ملايو ويو هو ان جو ڇا ٿيو؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ان حوالي سان ملڪ جي ايجنسين ڪافي ڪوششون ڪيون پر ان جو ڪو پتو ناهي پيو. چيف جسٽس چيو ته هتي حالت اها آهي جو بلوچ شاگرد احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪومت تي ڪو به اثر نه پيو آهي. گم ٿيل ماڻهن بابت جاچ ڪرڻ جي حوالي سان رياست مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. درخواست گذار جي وڪيل وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌي ايمان مزاري عدالت کي ٻڌايو ته گهرو وزير سان شاگردن جي وارثن جي ملاقات بي لاڀ ئي نه پر خراب ٿي. ان اڳيان جڏهن ماڻهن مسئلا رکيا ته وفاقي وزير چيو ته هو ته رڳو هڪ ڏينهن جو مهمان آهي. هنن کي گهرو وزير بدران عدالت مان اميد آهي ته هو مسئلا حل ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button