پاڪستانسنڌ

بدين ۾ مڙس طرفان گهر نه اچڻ تي عورت خودڪشي ڪري ڇڏي

بدين: بدين جي قاضيه واھه پل ڀرسان مراد ملاح پاڙي جي رهواسڻ 21 ورهين جي منيزه زال سجاد حسین قمبراڻي پنهنجي پيءُ جي گهر اندر لوهي گارڊر ۾ رئو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي. جنهن جو مڙھه انڊس اسپتال بدين پهچايو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

ان ڏس ۾ خودڪشي ڪندڙ عورت جي ما حاجاڻي جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ناٺي جي چوڻ تي منهنجي ڌيءَ کي گهر وٺي آياسين پر بعد ۾ ناٺي پاران فون ذريعي منهنجي ڌيءَ کي گهر واپس اچڻ کان منع ڪرڻ تان منهنجي ڌيءَ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته منهنجي ڌيءَ جو ڪو ڏوهه نه هو ناٺي کيس هرڀرو گهران ڪڍي ڇڏيو، جنهن تان مايوس ٿي هن انتهائي قدم کنيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button