پاڪستانسنڌ

پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ٺاھه خلاف ڪيو اي ٽي جو حيدرآباد ۾ مظاهرو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد جي ڪارڪنن پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمن ٺاھه خلاف قومي عوامي تحريڪ ڊويزنل صدر خالد سمون، نذير بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، راحيلا ڀٽو، نصرت خاصخيلي، يعقوب جسڪاڻي، رفيق احمداڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پ پ ۽ (ن) ليگ اقتدار جي لالچ ايم ڪيو ايم سان سنڌ دشمن معاھدا ڪري رھيا آھن، سنڌ ڪنھن جي جاگير ناھي، سنڌ سنڌين جو ھزارين سالن کان وطن آھن، بيڊگورننس جي ڪري سنڌ ۾ ميريٽ ناھي، امن، انصاف، صحت ۽ تعليم ناھي، ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني جي ڪري ڪراچي کان ڪشمور تائين عام ماڻھو تڪليف ۾ آھي ۽ بنيادي حقن کان محروم آھي. هنن چيو ته پ پ حڪومت سنڌ کي فقير بنائي ڇڏيو آھي، سنڌ کي اقتدار لا ڪابه سوديبازي قبول ناھي، سموريون سنڌ دشمن سازشون بند ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button