پاڪستانسنڌ

ملڪاڻي شريف جا مسئلا گهٽجڻ بدران وڌڻ لڳا، شهري عذاب ۾ مبتلا

ملڪاڻي شريف: ملڪاڻي شريف جا مسئلا گهٽجڻ بدران وڌڻ لڳا، گٽر ۽ گندگي جا ڍير لڳل، ڊرينج سسٽم نه هجڻ ڪري گٽرن جو پاڻي شھر جي بازارن ۽ چوراهن تي تلائن جي صورت ۾ بيٺل، خبر موجب ملڪاڻي شريف جي مسئلن کي ڪنهن به چونڊيل نمائندن حل ڪرائڻ لا قدم نه کنيو، جنهن ڪري ملڪاڻي شريف جا مسئلا گهٽجڻ بدران وڌي شھر کي مسئلن جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آھي، ملڪاڻي شريف ۾ ڊرينيج سسٽم ۽ صفائي سٿرائي جو انتظام نه هجڻ ڪري گندگي جا ڍير ۽ گٽرن جو پاڻي شھر جي بازارن چوراهن ۽ گهٽين ۾ تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي، واڍا بازار، ڪولهي بازار، گوشت مارڪيٽ، کٽي پاڙي، ڪنڀر پاڙو، غريب آباد ڪالوني، گرلس اسڪول گهٽي ۽ ٻين ڪچن رستن تي گندگي جا ڍير ۽ گٽرن جو پاڻي هر وقت نظر اچڻ لڳو آھي، گرلز اسڪول جي عمارت زبون هجڻ ڪري تعليم کاتي بدين شڪايتن تي وزٽ ڪري بلڊنگ جي مرمت ڪرائڻ بدران تالو هڻائي ڇڏيو.

جنهن ڪري هڪ سال کان وڏو تالو لڳل آھي ۽ نياڻين شاگردياڻين جي تعليم جاري رکڻ ۽ مسقبل کي بچائڻ خاطر بوائز پرائمري اسڪول جي شاگردن کي کٽي پاڙي اسڪول ڏانهن شفٽ ڪري شاگردياڻين جي پڙھڻ جي عمل کي جاري رکڻ لا خالي ڪري ڏنو ويو آهي، واٽرسپلا جي چوديواري ڪري پٽ پئجي وئي آھي، جنهن ڪري رولو ڪتا سڄو ڏينهن تلائن ۾ وهنجڻ ۽ گهمڻ لڳا آھن، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ به شھرين جي مشڪلاتن ۾ واڌارو ڪيو آھي، صحت جون بنيادي سهوليتون اڻلڀ آھن، شھرين امان الله اشرفي ڪامريڊ شفيع ملڪاڻي اورنگزيب امتياز ملڪاڻي، مير حسن ملڪاڻي، منير ملڪاڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته اٽڪل ٽيهن سالن دوران هن شھر جي مسئلن جي حل لا ڪنهن به چونڊيل نمائندي ڌيان نه ڏنو آھي، جنهن ڪري اڳ وارا ننڍا مسئلا اڄ وڏا مسئلا بڻجي ويا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button