پاڪستانسنڌ

ميرپوربٺورو ۾ زمين جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو

ميرپوربٺورو: ميرپوربٺورو ۾ پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن ضلعي سجاول جي اڳواڻ رجب ميمڻ جي جاتي تعلقي ۾ موجود زرعي زمين جو پاڻي مبينا طور مقامي بااثر وڏيري پاران بند ڪرڻ خلاف جيئي سنڌ قومي پارٽي جي انور خاصخيلي، جيئي سنڌ محاذ جي نعمان شورو، قومي عوامي تحريڪ جي يوسف ڪنڀار، جيئي سنڌ تحريڪ جي امام بخش خاصخيلي ۽ نوجوان اتحاد جي عامر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ تعلقي اسپتال چوڪ کان مين بس اسٽاپ ميرپوربٺورو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

جتي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته رجب ميمڻ ننڍو آبادگار آهي، جنهن جي جاتي تعلقي ۾ موجود زرعي زمين جو پاڻي مقامي وڏيري دانش ملڪاڻي بند ڪري کيس زمين تان بيدخل ڪرڻ ۽ زمين وڪرو ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي، رجب ميمڻ چيو ته زمين جو پاڻي نه ڇڏيو ويو ته ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پاڻ کي ٻچن سميت ساڙيندس، جنهن جو ذميوار دانش ملڪاڻي هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button