پاڪستانسنڌ

پ پ ۽ متحده ٺاهه خلاف حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ جو احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد: پيپلزپارٽي پاران ايم ڪيو ايم سان معاهدي ذريعي سنڌ جي وجود جو سودو ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران پريس ڪلب حيدرآباد آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ جي نائب صدر حورالنسا پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زرقا هاليپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم ڪا سياسي پارٽي نه پر هڪ دهشتگرد گروهه آهي، جيڪا پنهنجي وجود کان وٺي نازي ٽارچر سيلن جي ذريعي هزارين سنڌي ماڻهن سميت ٻين ٻولين ڳالهائيندڙن جو قتل عام ڪندي رهي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي نئون اسرائيل ٺاهي سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌي قوم جا وسيلا، شهر، روزگار، تعليم کسڻ جي سازش اڄ کان گهڻا سال اڳي ڪئي وئي هئي جنهن کي پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم سان ڪرسي خاطر ٺاهه ڪري عملي جامو پهرايو آهي.

مظاهري کي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، گل حسن ڪيڙانو، ايڊوڪيٽ راحيل ڀٽو، ستار رند ۽ ٻين خطاب ڪيو. هوڏانهن سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ طرفان سنڌي شاگردياڻين جا مسئلا ڪانفرنس ۽ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽ تحريڪ جو مرڪزي ڪنوينشن ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورالنساءَ پليجو، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاھري، عاطف ملاح، اعتزاز گائنچي، ڪائنات ڏاھري، ماھنور ملاح، گل حسن ڪيڙاني، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽي سميت مختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردياڻين، هاري ۽ مزدور اڳواڻن سميت وڪيلن ۽ قلمڪارن شرڪت ڪئي. شاگردياڻين جا مسئلا ڪانفرنس کي خطاب دوران اڳواڻن چيو ته سامراجي قوتون سنڌ تي مڪمل قبضو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي تعليم تي حملي آور ٿيون آهن. سنڌ جي تعليم کي هٿ وٺي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي. موجوده تعليمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي شاگردن خاص ڪري شاگردياڻين کي نصابي سرگرمين سان گڏ سياست ۾ شامل ٿي عوامي جدوجهد ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته جيستائين سنڌ جون نياڻيون اڳواڻي نه ڪنديون اوستائين سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب اڻپورو رهندو.

هنن چيو ته تعليمي ادارن ۾ نياڻين کي حراسان ڪندڙ وحشي بگهڙن جي سرپرستي ٿي رهي آهي ان لاءِ سنڌ جي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي گڏجي تعليم بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. تعليمي بورڊن پاران فين جي غير قانوني اوڳاڙي ۽ يونيورسٽي جي فين ۾ ٿيندڙ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ان سازش جو حصو آهن ته سنڌ ۾ تعليمي نظام تباهه ۽ برباد ٿي وڃي. ان موقعي تي ايس جي ايس ٽي جي نئين مرڪزي باڊي پڻ چونڊي وئي، جنهن ۾ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر لاءِ ساجده پرهياڙ، سينيئر نائب صدر لاءِ ڪائنات ڏاهري، جنرل سيڪريٽري لاءِ زاهده لاشاري، نائب صدر لاءِ سورٺ مڱڻهار، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري لاءِ ڪائنات هاليپوٽو، جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ شازيا جوڻيوجو، خزانچي لاءِ ممتاز ڪيڙانو سميت ٻين چونڊيو ويو. ڪانفرنس دوران سنڌو ملاح، خوشبو ڪيڙانو، شازيه جوڻيجو ۽ ٻين قومي ۽ انقلابي گيت پيش ڪري پنڊال کي جھومائي ڇڏيو، جڏهن ته ايس جي ايس ٽي جي ثقافتي سٿ پاران ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button