اسلام آبادپاڪستان

بي اعمتادي رٿ تي اڄ ووٽنگ/نوجوان روڊن تي اچن:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ جي نوجوانن کي واضح طور احتجاج جو سڏ ڏيندي چيو آهي ته احتجاج توهان جو حق آهي، نوجوان منهنجي لاءِ نه پر پنهنجي ملڪ جي مستقبل لاءِ آواز اٿارين. نوجوان روڊن تي نڪري احتجاج ڪن، اڄ جو منهنجو منصوبو ٺهيل آهي. آئون انهن کي شڪست ڏئي ڏيکاريندس. ماڻهن کي مايوس نه ڪندس. فوج جي نيوٽرل رهڻ واري فيصلي جو احترام ڪريان ٿو. انهن چيو آهي ته اهي نيوٽرل آهن، سياست ۾ نٿا پوڻ چاهين. ڪالهه “توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ” جي عنوان سان نشر ٿيندڙ پروگرام ۾ نوجوانن کي وزيراعظم عمران خان اپيل ڪندي چيو آهي ته مان ان ڪري نوجوانن سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو، ڇو ته هن وقت پاڪستان هڪ فيصلائتي موڙ تي بيٺو آهي، ان ۾ توهان جو مستقبل آهي ته ڪيئن پاڪستان ٺهندو. هن چيو ته سياستدانن جي ٻڪرين جيان نيلامي ٿي رهي آهي، ٻاهرين ملڪ مان سازش ٿي رهي آهي. اڄ قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها ڪهڙي پاسي ويندي. جيڪڏهن نوجوان چپ ويٺل رهيا ته اهي برائي جو ساٿ ڏيندا، توهان سڀ پنهنجو آواز اٿاريو، مون لاءِ نه پر پنهنجي مستقبل جي لاءِ، ڇو ته هن وقت پاڪستان ۾ مستقبل جي جنگ وڙهي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ کي پاڪستان جي ليڊر شپ پسند ناهي ته اهو اربين رپيا خرچ ڪري ضمير کپائيندڙن کي ٻڪرين جيان خريد ڪري حڪومت ڪيرائي ڇڏي ته ملڪ جو مستقبل ڪهڙو هوندو؟ هي توهان جو ملڪ آهي ۽ توهان کي اڳتي اچڻو آهي، احتجاج توهان جو حق آهي. پر ملڪ کي نقصان نه پهچي. پرامن احتجاج سان سڀني کان وڏو خوف غدارن کي هوندو آهي، اهي ماڻهو ڊنل هوندا آهن، جيڪي ملڪ کي غلام بڻائڻ جا خواهشمند هوندا آهن. وزيراعظم چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ملڪ خلاف سازش جي تصديق ڪري چڪي آهي. مان چاهيان ٿو ته سڄي ملڪ جا نوجوان اڳتي اچن ۽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائين، احتجاج پرامن هجي ۽ هن ملڪ کي ڪو نقصان نه پهچي. هن چيو ته ڏسون پيا ته انهن خلاف ڪهڙي ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. اسان سندن خلاف غداري جو ڪيس ٺاهڻ جي تياري ڪئي آهي. هن چيو ته شهباز شريف ته آهي ئي غلام، اهي پئسي کي پوڄين ٿا. شهباز شريف کي جي اهڙي ئي زندگي جيئڻي آهي ته ان کان بهتر آهي ته مري وڃي. فوج ۽ تحريڪ انصاف ئي ملڪ کي گڏائي بيٺي آهي. اسان کي فوج جي ضرورت آهي، چاهيان ٿو ته فوج تي تنقيد نه ڪريو. هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن آمريڪا سان گڏجي منهنجي خلاف سازش ڪئي آهي، هاڻي اهي ڊڄي رهيا آهن. آمريڪا پاڪستان ۾ حڪومت ڪيرائڻ جي کليل سازش ڪئي آهي. ان سازش کي ڪامياب بڻائڻ وڏو ڏوهه آهي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بي اعتمادي رٿ تي مشاورت ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته بي اعتمادي رٿ پرڏيهي سازش آهي، جيڪا ناڪام ٿيندي، عوام اسان سان گڏ آهي ۽ اپوزيشن عوام طرفان رد ٿيل آهي. هن وڌيڪ چيو ته خيبر پختونخوا جي عوام بي اعتمادي رٿ خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ضمير وڪرو ڪندڙ عوام آڏو اچي ويا آهن. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف ڪارڪنن کي اسلام آباد آڻيندي. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان خلاف اپوزيشن طرفان جمع ڪرايل بي اعتمادي رٿ تي قومي اسيمبلي ۾ اڄ ووٽنگ ٿيندي، سخت ڇڪتاڻ جو خدشو آهي. قومي اسيمبلي جي 342 سيٽن واري ايوان ۾ ووٽنگ ٿيندي. اپوزيشن طرفان وزيراعظم خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ اڄ ٿي رهي آهي. اپوزيشن جماعتون بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي لاءِ پرعزم آهن. جڏهن ته وزيراعظم سڄي ملڪ جي ڪارڪنن کي احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن سبب صورتحال خراب ٿيڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته جيڪڏهن عدم اعتماد رٿ ڪامياب ٿي وئي ته هي پهريون ڀيرو هوندو جو ڪو وزيراعظم عدم اعتماد ذريعي هٽايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button