اسلام آباد:اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان وڌيڪ 15 ڏينهن تائين وزيراعظم رهندو. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کانسواءِ ٿينديون، مخالف ڌر کي خوش ٿيڻ گهرجي ته هنن جي ڳالهه مڃي وئي آهي. هن چيو ته منهنجي وزيراعظم سان ملاقات ٿي آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته عمران خان وڌيڪ 15 ڏينهن تائين وزيراعظم رهندو. شيخ رشيد چيو ته مان اهو ئي چئي رهيو هئس ته مسئلي جو واحد حل اليڪشن آهي. شيخ رشيد چيو ته ڀارتي چينلن جي خواهش هئي ته هن جا بزنس پارٽنر اچن، هن فيصلي کانپوءِ ڀارتي چينلن تي ماتم برپا آهي. هن چيو ته مان ته ايمرجنسي جي ڳالهه ڪيان پيو پر وزيراعظم رد ڪئي. اپوزيشن عمران خان ليڊر بڻائي ڇڏيو آهي، نواز شريف تيار ويٺو هو ته جدي ويندو جتان پاڪستان ايندو. شيخ رشيد چيو ته اليڪشن لاءِ 90 ڏينهن طئي ٿي ويا آهن، نواز شريف ۽ فضل الرحمان جو مطالبو هو ته اليڪشن ٿئي. سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو قبول هوندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close