اسلام آباد : ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف عمران خان کي آئين ۽ جمهوريت جو غدار قرار ڏئي ڇڏيو.قومي اسيمبلي اجلاس کانپوءِ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته عمران نيازي ۽ ان جي حامين کليل نموني آئين ٽوڙيو، آرٽيڪل 6 جي پڪڙ ۾ اچي ويا. ايوان ۾ ثابت ٿي ويو ته عمران نيازي هارائي ويو آهي، هن وقت ملڪ ۾ ڪا حڪومت ناهي. هڪ آئين ٽوڙيندڙ ٽولي جو قبضو آهي. هن چيو ته عمران نيازي وزيراعظم ئي ناهي ته آئيني اختيار ڪيئن ٿو استعمال ڪري سگهي؟ آئين جي شق 5 کي استعمال ڪيو ويو، ان ۾ لکيل آهي ته هر صورت ۾ آئين تي عمل ڪيو ويندو، شخصي اقتدار کي غير آئيني ڊيگهه ڏيڻ لاءِ آئين تي حملو ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته عمران نيازي ملڪ کي ڏڦيڙ ڏانهن ڌڪي چڪو آهي، چيف جسٽس ملڪ کي بحران کان بچائي سگهي ٿو، اميد آهي ته عدالت عظميٰ آئين جي بالادستي يقيني بڻائيندي ۽ پنهنجا فرض پورا ڪندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close