اسلام آبادپاڪستان

صدر قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي،عمران خان وزيراعظم نه رهيو،ڪابينا به ختم

اسلام آباد :ومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر اپوزيشن پاران وزيراعظم عمران خان خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ کي آئين جي ابتڙ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم جي صلاح تي صدر مملڪت قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، وفاقي ڪابينا به ختم ٿي وئي. جڏهن ته عمران خان وزيراعظم طور نه رهيو. ان حوالي سان ڪالهه قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي سربراهي ۾ اسيمبلي ۾ ٿيندڙ اهم هنگامي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته آئين جي آرٽيڪل 5 تحت ڪنهن به پرڏيهي طاقت جي چوڻ تي حڪومت تبديل نٿي ڪري سگھجي، تنهن ڪري اپوزيشن جي 8 مارچ تي وزيراعظم خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ کي آئين جي ابتڙ قرار ڏيندي ان کي رد ڪيو وڃي ٿو ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم عمران خان جي تجويز تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي آهي. ان کان اڳ بي اعتمادي جي رٿ رد ٿيڻ کانپوءِ قوم کي مختصر خطاب ۾ عمران خان سڀني کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن صدر کي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز موڪلي آهي، قوم ايندڙ چونڊن جي تياري ڪري. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جن شيروانيون سبرايون ۽ ڪروڙين رپيا ڏنا، اهي سڀ ضايع ٿي ويا. هن چيو ته ان طرح جي سازش قوم ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. اسپيڪر پنهنجي اٿارٽي ۽ آئيني طاقت سان جيڪو فيصلو ڪيو، ان کانپوءِ مان صدر کي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز اماڻي ڇڏي. هن چيو ته جمهوري معاشري ۾ عوام وٽ وڃو، اليڪشن ٿئي، عوام فيصلو ڪري هو ڪنهن کي چاهي ٿو، جنهن شيروانيون سبرايون ۽ ماڻهن کي ڪروڙين رپيا ڏنا ته اهي پئسا ضايع ٿي ويا. سندس چوڻ هو ته ڪو ٻاهر کان يا ڪرپشن جو پئسو هن ملڪ جو فيصلو نٿو ڪري سگھي. اسيمبليون ٽٽڻ کانپوءِ نگران حڪومت جو عمل شروع ٿيندو. وزيراعظم چيو الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو، ملڪ سان وڏي سازش ڪئي پئي وئي، 22 ڪروڙ قوم جي حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اها سازش فيل ٿي وئي، ان تي قوم کي مبارڪ ڏيان ٿو. ٻئي طرف ڪابينا ڊويزن طرفان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب عمران خان وزيراعظم ناهي رهيو. پڌرائيءَ موجب صدر طرفان آئين جي آرٽيڪل 58 (1) تحت قومي اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ عمران خان نيازي هاڻ وزيراعظم ناهي رهيو. ڪابينا ڊويزن موجب عمران خان جي وزيراعظم نه رهڻ جي نوٽيفڪيشن تي جلد عمل ٿيندو. ان کان اڳ صدر طرفان اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ وفاقي ڪابينا به ٽوڙي وئي. اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڪابينا ٽوڙي وئي آهي. جڏهن ته قانون واري وزير فواد چوڌري ڳالهائيندي چيو ته 7 مارچ تي هڪ ميٽنگ ٿئي ٿي ۽ ان جي هڪ ڏينهن کانپوءِ 8 مارچ تي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته اسان جي سفير کي 7 مارچ تي هڪ ميٽنگ ۾ گھرايو ويو، ان ۾ ٻين ملڪن جا آفيسر به ويٺا هئا، اسان جي سفير کي ٻڌايو ويو ته عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي پئي وڃي، ان وقت پاڪستان ۾ ڪنهن کي به خبر نه هئي ته بي اعتمادي رٿ آندي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان جي سفير ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان اسان جي لاڳاپن جو دارومدار ان بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي آهي، جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي ته توهان کي معاف ڪيو ويندو پر جيڪڏهن ڪامياب نٿي ٿئي ته توهان جو رستو وڏو ڏکيو ٿيندو. فواد چوڌري چيو ته اها پرڏيهي حڪومت پاران حڪومت تبديلي جي گھڻي ئي متاثر ڪوشش آهي، بدقسمتي سان ان سان گڏ ئي اتحادين ۽ اسان جي 22 ماڻهن جو ضمير جاڳي ٿو ۽ معاملا هيستائين اچي پهچن ٿا. قانون واري وزير چيو ته 22 ڪروڙ ماڻهن جي قوم ايتري ڪمزور آهي جو ٻاهريون قوتون حڪومتون مٽائي ڇڏين، اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڇا پرڏيهي طاقتن جي مدد سان حڪومت تبديل ڪري سگھجي ٿي؟ ڇا هي آئين جي آرٽيڪل 5 جي ڀڃڪڙي ناهي؟ ڇا اسان پاڪستانين جي ڪا حيثيت ناهي؟ ڇا اسان غلام آهيون؟ ڇا اپوزيشن ليڊر جي قول موجب اسان پينو آهيون؟ هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته تماشو نٿو هلي سگھي ۽ ان تي رولنگ اچڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button