پاڪستانسنڌ

هالا ۾ رمضان مهيني ۾ مهانگائي جو جن بي قابو، پورهيت طبقو پريشان

ھالا: هالا ۾ واپارين ۽ دڪاندارن هٿرادو اگھه وڌائي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري ڇڏي، پورھيت طبقو مھانگائي جي چڪي ۾ پيڙھجي ويو، تعلقي جي اڪثر شھرن ھالا، ڀاڻوٺ، ھالاپراڻا، خاڻوٺ، کنڊو، ڀٽ شاھه سميت ننڍن وڏن شھرن ۾ مھانگائي جو جن بي قابو ٿي ويو آھي، واپارين ۽ دڪاندارن رمضان جي ڀلاري مھيني جو احترام نه ڪندي کاڌي پيتي جي سڀني شين فروٽ، ڀاڄين، گوشت، مڇي، اٽو، کاڄرو تيل، کنڊ ۽ چانورن جا اگھه وڌائي ڇڏيا آهن.

شهرين سردار اياز ميمڻ، عبدالرحيم ميمڻ، اسدالله ميمڻ، شاھزيب سومرو ۽ ٻين ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو آھي ته واڌو اگهھ وٺندڙ واپارين ۽ دڪاندارن خلاف سخت قدم کڻي مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب طبقي کي پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي طرف حڪومت طرفان غريبن کي سستي اگھه تي شيون فراھم ڪرڻ لا قائم ڪيل يوٽلٽي اسٽور مان به غريبن کي ڪو لاڀ حاصل نه ٿي سگھيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button