پاڪستانسنڌ

پي ٽي آئي حڪومت ڪراچي لاءِ رڳو ڪوڙا اعلان ڪيا: ايم ڪيو ايم

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان چيو آهي ته پي ٽي آئي حڪومت ڪراچي لاءِ رڳو ڪوڙا اعلان ڪيا، پي ٽي آئي جا سمورا اڳواڻ سوچي سمجهي ڳالهائين، ايم ڪيو ايم جي ترجمان چيو آهي ته پي ٽي آئي اڳواڻن کي ياد نه آهي ته اهي ڪجهه ڏينهن پهريان ئي عدم اعتماد لاءِ ووٽ گهرڻ ايم ڪيو ايم جي مرڪز آيا هئا، پنهنجي سياسي ڄم کان وٺي اڄ تائين ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون مٽائيندڙ حليم عادل شيخ ايم ڪيو ايم تي ڪهڙي منهن سان تنقيد ڪري رهيو آهي، ترجمان چيو ته ڪوڙي پروپيگنڊا سان ڪراچي جي باشعور عوام کي گمراهه نٿو ڪري سگهجي، ايم ڪيو ايم پاڪستان هڪ سياسي پارٽي آهي، جيڪا پنهنجا سياسي فيصلا ڪرڻ ۾ مڪمل طور آزاد آهي، پي ٽي آئي جي حڪومت ڪراچي لاءِ رڳو ڪوڙا اعلان ڪيا آهن.

ڪراچي مان 2018 ۾ ڪهڙي طرح ايم ڪيو ايم پاڪستان جون سيٽون کسيون ويون، ان بابت عوام چڱي طرح ڄاڻي ٿو. هن چيو ته جيڪا جماعت پنهنجي اسيمبلي ميمبرن کي سنڀالي نه سگهي اها ڪيئن ڪنهن ٻي جماعت کي پنهنجي فيصلي جو پابند ڪري سگهي ٿي. پي ٽي آئي جي قيادت پنهنجي علائقائي نون ڄاول اڳواڻن جي بداخلاقي ۽ الزام مڙهڻ جو نوٽيس وٺي، ايئن نه ٿئي جو ووٽن جي خيرات وٺڻ لاءِ اڳ وانگر ايم ڪيو ايم پاڪستان جي در جا چڪر لڳائڻا پون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button