پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ اڳوڻي زڪوات چيئرمين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڇاڇرو: ڇاڇرو ويجهو کينسر ٿاڻي جي حد ڳوٺ روهڙ جي رهواسين انور پٽ محمد عثمان نهڙي، آدم پٽ عثمان نهڙي، نور محمد، سومار نهڙي ۽ ٻين ڳوٺ جي بااثر ضلعي ٿرپارڪر جي اڳوڻي عشر و زڪوات جي چيئرمين شهمير سميجو جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته شهمير سميجو اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان سان نسورو فراڊ ڪيو ويو آهي، ڪجهھ سال اڳ اسان کي زرعي زمين وڪرو ڪري ڏني هئي، جيڪا شهمير جي نه پر ٻي ڳوٺاڻي جي هئي، پر ان زمين جا پئسا به اسان کان وٺي ويو، جنهن جو ڪوڙو اسٽامپ پيپر لکي ڏنو، جنهن بعد اسان فراڊ جو ڪيس داخل ڪرايو، جيڪو عدالت ۾ هلندڙ آهي. ڪيس داخل ٿيڻ کانپو شهمير سميجو ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي. گذريل ڏينهن 18 هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو گهرن ويجهو روڊ تي اسان جي ڪئبنن ۽ جهونپڙي کي باھه ڏني، اطلاع تي پوليس پهچي ڪارتوسن جا خالي کول کڻي رواني ٿي وئي. پوليس شهمير سميجو جي ونگار وهي رهي آهي. ھنن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٿر ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کي اپيل ڪئي ته بااثرن جي ظلمن جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل شهمير سميجو چيو ته سمورا الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن، آئون ڳوٺ نه هئس، مخالفن پاڻ باهھ ڏئي الزام مون مٿان هڻن پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button