مسڻ وڏي: يوسي مسڻ جي ديھه نيلو فري جي ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري جي مڊل اسڪول کي فرنيچر نه مليو، مڊل اسڪول کي ھائي اسڪول جو درجو ڏئي ڇهن ڪمرن جي بلڊنگ ملي وئي، پر ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو. 1995ع ۾ قائم ٿيل اسڪول ۾ فرنيچر، استاد ۽ اسٽاف به مڪمل نه ڏنو ويو. بجلي نه هجڻ سبب معصوم ٻار گرمي ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، ڳوٺاڻن چندو ڪري بينچون ۽ ڪرسيون وٺي تدريسي عمل شروع ڪرايو. پ پ حڪومت جي گذريل دور ۾ اسڪول کي ھائي اسڪول جو درجو ڏنو ويو، پر 6 ڪمرن واري عمارت جو ڪم 10 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. 8 ورهين کان ڪم بند آهي، در ۽ درين جا خالي چوڪ لڳل آھن، جنهن سبب اسڪول ڀرڻ شروع ٿي ويو آهي. اسڪول ۾ باٿ روم سميت پيئڻ جي پاڻي جي به سهولت ناہي. اسڪول ۾ ٻن جي ايس ٽي استادن جي پوسٽن سميت لوئر اسٽاف جو سموريون پوسٽون خالي آھن. ان حوالي سان ڳوٺ جي رهواسي يوسي مسڻ وڏي جي اڳوڻي وائيس چيئرمين علي نواز لغاري، عليم لغاري، عبيد لغاري، غلام قادر ۽ ٻين تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھه، ايم پي اي امداد پتافي ۽ ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي کان مطالبو ڪيو ته هائي اسڪول جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪرائي فرنيچر ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close