حيدرآباد: حيدرآباد ۾ بدامني ختم نه ٿي. ٻن شهرين کان 50 لک روپيا ڦر، پوليس ڦورو گرفتار نه ڪري سگهي. خبر موجب حيدرآباد جي قاسم آباد جي علائقي فراز ولاز ۾ ڏينهن ڏٺي جو 4 هٿياربند شوروم مالڪ معيز کان هٿيارن جي زور تي 30 لک روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود ناڪابندي نه ڪئي وئي ۽ ڦورو آساني سان فرار ٿي ويا. ساڳئي وقت حيدرآباد جي علائقي سائيٽ ايريا ۾ بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي گهر ويندڙ رضوان نالي نوجوان کي موٽر سائيڪل تي سوار هٿيابندن يرغمال بڻائي 21 لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، هن ڦر واقعي جا ڦورو پڻ آساني سان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس ناڪابندي نه ڪئي. ڄاڻايل ٻن وارداتن جي رپورٽ حد جي ٿاڻن تي داخل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڦر واقعن کانپو شهرين جو ساهه مٺ ۾ آيل آهي. پوليس تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close