چوٽياريون: چوٽياريون ويجهو يوسي ڍورو جانب جي ڳوٺ جيوڻ لغاري ۾ باهھ لڳڻ سبب ٽن پورهيت ڀائرن عبدالڪريم، عبدالشڪور ۽ عبدالواجد لغاري جا گهر مڪمل سڙي ويا، گهرن ۾ پيل لکين رپين جو سامان به رک ٿي ويو. متاثرن ٻڌايو ته اسان گهر نه هئاسين، پويان باهه لڳي وئي. گهر سڙڻ بعد متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ کان واهر جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close