پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر لڳ سولر سسٽم مان 60 جهوپڙين کي باهه، لکن جو نقصان

ننگرپارڪر: ننگراپرڪر لڳ سولر سسٽم مان باهه لڳڻ سبب 60 جهوپڙا سڙي رک ٿي ويا، لکين رپين جو سامان به سڙي ويو. رپورٽ موجب ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ سمي جي ويري ۾ سولر سسٽم مان باهھ لڳي وئي، جنهن سبب گجو برادري جي 25 ڳوٺاڻن جي 60 ڪکاون جهوپڙن کي باهه وڪوڙي وئي، باهه سبب 11 ٻڪريون سڙي مري ويون. گهرن ۾ پيل هزارين رپيا روڪ رقم، کاڌي پيتي جو سامان، هنڌ بسترا، ٿانو، کٽون، پيتيون، سونا زيور ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. متاثرن ڳوٺاڻن ۾ آچار گجو، مرتضى گجو، علي نواز گجو، مولوي غلام رسول گجو، عمر گجو، غلام نبي گجو، عالم، شوڪت علي، علي نواز، نواز علي، الھيار، عبدالرحمان، محسن، آچار، سلطان، غلام حسين، مرتضى، محمد سومار، يوسف، غلام نبي،عبدالمجيد گجو ۽ ٻين شامل آهن. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. هوڏانهن باهھ جي ٻي واقعي ۾ ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ چوڙيو ۾ نهالو، نشو ۽ راوتو ميگهواڙ جي فصل جي کري کي باھه لڳي وئي، جنهن سبب ٻاجهر ۽ گوار جي فصل جون 11 ڪالرون سڙي ويون، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو. جڏهن ته ٽائون ڪميٽي ۾ فائر برگيڊ جون گاڏيون خراب ھئڻ سبب باهه واقعن تي ضابطو آڻڻ مسئلو بڻجي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button