اسلام آبادپاڪستان

شهباز شريف جو نگران وزيراعظم لاءِ مشاورت کان انڪار،پارلياماني ڪميٽي لا نالا طلب

اسلام آباد:اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف نگران وزيراعظم جي معاملي تي صدر جي خط تي جواب ڏيندي نگران وزيراعظم لاءِ صلاح مشوري کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهباز شريف صدر عارف علوي جي نگران وزيراعظم لاءِ صلاح مشوري جي خط جو جواب ڏنو، جنهن ۾ هن نگران وزيراعظم لاءِ صلاح مشوري کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهبازشريف پنهنجي جواب ۾ صدر کي چيو ته اوهان مون کي ٻه خط لکيا آهن، جنهن ۾ نگران وزيراعظم لاءِ جسٽس رٽائرڊ گلزار احمد جو نالو به ڏنو آهي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ هن سڄي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. شهبازشريف پنهنجي جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ته اوهان معاملي تي جاري سپريم ڪورٽ جي منع نامي جي ڀڃڪڙِي ڪري رهيا آهيو ۽ اوهان جيتري مشاورت ڪري رهيا آهيو هي سڀ عدالتي حڪمن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي تنهنڪري مان هن مشاورت جو حصو نٿو بڻجي سگهان. شهباز شريف لکيل خط ۾ چيو آهي ته 5 اپريل رات 9 وڳي خط مليو، پر اڃا معاملو عدالت ۾ آهي ۽ عمران خان طرفان جسٽس(ر) گلزار جو نالو ڏيڻ غير قانوني آهي.شهباز شريف اڳوڻي چيف جسٽس گلزار احمد جو نالو رد ڪندي چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ بابت سمري غيرقانوني آهي. هوڏانهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي عام چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان خط لکي ڇڏيو آهي. ايوان صدر طرفان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي ٽٽڻ جي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ ڏيڻ جو چيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 548 (A) ۽ آرٽيڪل 224(2) تحت صدر عام چونڊن جي تاريخ مقرر ڪندو. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ لا 4 -4 نالا طلب ڪري ورتا آهن. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وزيراعظم پاڪستان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي خط موڪلي ڇڏيا آهن، اهي خط آئين جي شق 224 هڪ اي تحت مليل اختيارن تحت لکيا ويا آهن، خطن ۾ پارلياماني ڪميٽي جي قيام لاءِ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کان چئن چئن ميمبرن جا نالا گهريا ويا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ اپوزيشن نگران وزيراعظم لا ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق نه ڪري سگهيا آهن. ڪميٽي هٽايل قومي اسيمبلي جي 8 ميمبرن تي ٻڌل هوندي. ياد رهي ته 3 اپريل تي ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ کي پرڏيهي سازش قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو هو. ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کان پوءِ وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ صدر کي سمري اماڻي ڇڏي، جنهن کان پوءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم جي تجويز تي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button