واهي پانڌي: واهي پانڌي لڳ ڳوٺ محمد علي جمالي ۾ چار ڏينهن اڳ زمين جي تڪرار تان قتل ٿيل سومر جمالي جي وارث مردن ۽ عورتن قاتلن جي گرفتاري لاءِ واهي پانڌي ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وارثن خالد جمالي، اشرف جمالي، نصيبا، نظيران ۽ مقتول جي بيواهه ناديا سميت ٻين چيو ته سومر جمالي جي قتل کي چار ڏينهن گذري ويا آهن، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لا تيار ناهي، جوابدار قربان جمالي، راوت ۽ علي رضا جمالي سرعام گهمي رهيا آهن. هنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close