اسلام آبادپاڪستان

فواد چوڌري جي مطيع الله جان سان بدتميزي،صحافين جو احتجاج،بائيڪاٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ٻاهران فواد چوڌري ۽ صحافين ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي وئي. صحافي جو سوال پڇڻ ڏوهه بڻجي ويو. رپورٽ موجب تحريڪ انصاف جا اڳواڻ اسد عمر ۽ فواد چوڌري سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ان دوران صحافي مطيع الله جان فرح خان جي پرڏيهه وڃڻ بابت سوال ڪيو، جنهن جي جواب ۾ فواد چوڌري وچ ۾ آيو ۽ ٻيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ان دوران مطيع الله جان سوال جو جواب ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي فواد چوڌري جي ان سان منهن ماري ٿي پئي، جنهن کانپوءِ ٻين صحافين به فواد چوڌري جي رويي تي احتجاج ڪيو. فواد چوڌري مطيع الله جان کي چيو ته تون صحافي نه يو ٽيوبر آهين. جڏهن ته ان دوران مطيع الله جان ۽ ٻين صحافين به فواد چوڌري مٿان سخت تنقيد ڪئي. فواد چوڌري صحافين تي پئسا وٺڻ جو الزام هنيو. ان دوران صحافين تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ ان کان معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو پر فواد چوڌري لاڳيتو ڳالهائيندو رهيو. صحافين فواد چوڌري جي معافي تائين بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو پر فواد چوڌري معذرت سان انڪار ڪري ڇڏيو. فواد چوڌري پاران معافي نه گهرڻ تي صحافين سندس پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ لڳل مائيڪ هٽائي ڇڏيا جنهن کان پوءِ فواد چوڌري ۽ اسد عمر پريس ڪانفرنس اڌ ۾ ڇڏي هليا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button