ڄامشورو: حيدرآباد پوليس مبينا مقابلي ۾ ڄامشورو واسي کي ماري ڇڏيو، وارثن پاران مقابلو جڙتو قرار، المنظر تي ڌرڻو تفصيل موجب ڄامشورو جي ڳوٺ سائين ڏنو ملاح جي رھواسي غلام مصطفيٰ ماڇي کي ڀٽائي ننگر پوليس مبينا پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيو، اھڙي اطلاع تي سندس وارث مرد، عورتون ۽ ٻارڙا ھٿن ۾ ڏنڊا کڻي گھرن کان ٻاھر نڪري پوليس خلاف جلوس ڪڍي ھڪ ڪلوميٽر مارچ ڪرڻ بعد ڄامشورو المنظر پل وٽ ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سوين گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي ڳوٺاڻي ممتاز ماڇي، دلشير ماڇي، مشتاق ماڇي، بابر ماڇي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ٻه ڏينھن اڳ ڀٽائي نگر پوليس پيٽارو ڀرسان ٻني مان ڪڻڪ جي لاباري تان نوجوان غلام مصطفيٰ ماڇي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو ھو، ھاڻي اوچتو خبر پئي آھي ته پوليس کيس جڙتو مقابلي ۾ ماريو آھي، نوجوان خلاف ڪيس داخل نه هئا. هنن آ جي، ڊي آ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته جڙتو مقابلو ڪندڙ ايس ايڇ او ۽ ٻين اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. جڏهن ته ڳالهين لا آيل ايس ايڇ او ڄامشورو رزاق ڪمانڊو کي مظاھرين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪندي موٽائي ڇڏيو. ٻئي طرف ايس ايڇ او ڀٽائي نگر زياد نوناري ٻڌايو ته مصطفيٰ ماڇي وڏو ڏوھاري ھو، ڪيترن ئي ڦر جي ڪيسن ۾ اسان کي گھربل ھو، گذريل ڏينھن گرڊ اسٽيشن ڀرسان پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيو هو، جيڪو اسپتال ۾ دل جي دوري سبب فوت ٿيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close