ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ ٽي ڏينھن اڳ سبحان الله ڪالوني واري علائقي ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران فائرنگ ۾ نوجوان اسد الله ڀٽي زخمي ٿي پيو، جنهن جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو، جنهن خلاف نوجوان جي وارثن مريم گارڊن ڪوٽڙي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جاويد ڀٽي، رميز ڀٽي، توقير ڀٽي ۽ ٻين چيو ته جوابدارن وحيد ميرجت، نصرالله ۽ ٻين بناجواز گھر تي ھلان ڪري فائرنگ ڪري اسان جي نوجوان اسد ڀٽي کي گوليون ھڻي زخمي ڪيو آھي، جنھن خلاف ڪوٽڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آھي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لا تيار ناھي. ھنن مطالبو ڪندي چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close