سامارو: سامارو جي روينيو ڪامپليڪس ۾ سعودي ڊونرز جي سھڪار سان سماجي تنظيم حيات فائونڊيشن پاران پورھيتن ۽ مزدورن ۾ رمضان راشن ورهائڻ لا مختيارڪار ۽ اي سي آفيس ۾ 400 ماڻهن ۾ راشن ورهائڻ دوران بدنظمي پيدا ٿي وئي. تعلقي جي مختلف يوسيز جي رھواسي عورتن نسرين، هوا زال هاشم، نابين آسري ڌي احمد، بيوهه حليمه سرهي، کير ٻائي، غلام فاطمه ۽ ٻين پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو. هنن چيو ته رمضان مهيني ۾ سعودي مان آيل سامان حيات فائونڊيشن ۽ روينيو عملو راشن وڏيرن، زميندارن ۽ سياسي بااثرن جي ٺھيل لسٽن تي من پسند ماڻهن کي ٽوڪن ذريعي راشن 2 مڻ اٽو، 5 ڪلو آئل، 5 ڪلو کنڊ، 5 ڪلو دال، کجور ۽ ٻيو سامان ڏنو پيو وڃي. هنن گهر ڪئي ته حيات فائونڊيشن ۽ روينيو عملي خلاف قدم کڻي راشن ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close