سنڌ

نواب ولي محمد واقعي جا مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا،پوليس پڪو چالان پيش نه ڪيو

نواب ولي محمد ڀرسان مرزاپور ٿاڻي جي حد ديھه ٻنڀائي ۾ شهيد ٿيل پنج ڀنڊ برادري جي مقتولن جي ڪيس جي شنوائي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوابشاهه ۾ ٿي، جتي پوليس پنج مقتولن معشوق ڀنڊ، ٽوهه فقير ڀنڊ، اڪمل ڀنڊ، صابن ڀنڊ ۽ اياز ڀنڊ جي ڪيس جو پڪو چالان پيش نه ڪرڻ تي جانچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي شنوائي 11 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ پوليس کي پڪو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن فريادي چيو ته نوابشاهه پوليس تي اسان کي اعتبار ناهي. ڪيس جا مک جوابدار محسن زرداري، عابد زرداري ۽ ٻيا نوابشاهه ۾ سرعام گهمي رهيا آهن. پوليس کين گرفتار نٿي ڪري. ھنن چيو ته پوليس اسان سان ٿيل ھاڃي ۽ ڪِيس باوجود بااثر مخالفن جي ڌر بڻيل آھي. ايڏو وڏو عرصو گذرڻ باوجود پوليس ڪا بہ منصفاڻي جاچ ناهي ڪئي، نه ئي مُک جوابدار گرفتار ڪيا آھن. اسان کي عدالت منان انصاف جي اُميد آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button